اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 11 سال قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف کي بري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڄ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا جي خلاف نوازشريف جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي کان پوءِ دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نوازشريف جي سزا جي خلاف فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو ٻڌائيندي العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيل منظور ڪندي کيس ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي.ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ کان پوءِ نوازشريف روانو ٿيو ته عدالت ٻاهران موجود سندس وڪيلن نعريبازي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت جي اندر ۽ ٻاهر پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي. عدالت جي اندر(ن) ليگ جي حمايتي وڪيلن جو وڏو انگ ۽ عدالت جي ٻاهران(ن) ليگ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو.










