نواز توشه خانه ريفرنس ۾ بريت جي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نوازليگ جي اڳواڻ نوازشريف توشه خانه ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي خلاف توشه خانه گاڏين جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي.اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف طرفان سندس وڪيل رانا محمد عرفان پيش ٿيو ۽ توشه خانه گاڏين جي ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪئي.پراسيڪيوٽر چيو ته هن درخواست کي نيب ڪوارٽر اماڻي ٿو ڇڏيان. شارٽ نوٽيس ڪريو، احتساب عدالت نوازشريف جي بريت جي درخواست تي دليلن لاءِ 23 مئي تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.وڪيل ارشد تبريز چيو ته صدر آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ حاصل آهي ان جي حد تائين ڪيس نٿو هلي سگهي. نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته صدارتي ڇوٽ جي حوالي سان درخواست ملي وئي ان جو جائزو وٺي رهيا آهيون. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي 3 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو