نوابشاهه: (ن س) نوابشاهه ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي زيرو پوائنٽ نوابشاهه روڊ موٽرسائيڪل سوار ۽ ڪار جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فلسطيني شاگرد فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب فوتي شاگرد قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ دوستن سان ملڻ لاءِ ويو هو، جنهن کان پوءِ هو واپس پنهنجن ٻين دوستن سان گڏ حيدرآباد اچي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته چار شاگرد ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هئا جيڪي حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. فوت ٿيل شاگرد لمس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پڙهي رهيو هو جڏهن ته زخمي 3 شاگرد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جا شاگرد آهن.فوت ٿيل شاگرد جي سڃاڻپ ينال الحمد جي نالي سان ڪئي وئي آهي.زخمين ۽ فوت ٿيل شاگرد کي پي ايم سي اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي.










