دوڙ: تيز رفتار مسافر وين ٽرالي سان ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

دوڙ: تيز رفتار مسافر وين ٽرالي سان ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

دوڙ (ن س )دوڙ ۾ مهراڻ هاءِ وي تي خوفناڪ حادثي ۾ ٻارِڙي سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. سيٺر اسٽاپ وٽ تيز رفتار مسافر وين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي بعد اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ترت دوڙ اسپتال منتقل ڪيو. ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي ۾ ٺري ميرواهه واسي محمد موسيٰ ٻانڀڻ، فيض گنج واسي علي محمد راڄپر ۽ ٻارڙي مريم سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا………

پهنجو تبصرو موڪليو