ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نعمت الله خان، عبدالستار افغاني ۽ مصطفيٰ فوجي آمر دور ۾ ڪراچي جا ميئر رهيا آهن.اولڊ سٽي ايريا، رنڇوڙ لائن، تاريخي حسن علي هوتي مارڪيٽ جي نئين سري سان تعمير ۽ بحالي کان پوءِ باقاعده افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته حسن علي هوتي مارڪيٽ ڪراچي جي قديم واپاري سڃاڻپ آهي. جنهن جي اصل سڃاڻپ کي برقرار رکندي جديد سهولتن سان بحال ڪيو ويو آهي.هن چيو ته قديم ورثي جي بحالي شهري ترقي جو اهم حصو آهي، اهوئي وزن انهي منصوبي ۾ نظر اچي ٿو. حسن علي هوتي مارڪيٽ جي بحالي سان نه صرف ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملندي پر واپاري برادري کي بهتر سهولتون به ملي سگهنديون. تاريخي بازارن جي بحالي سان ڪراچي جي خوبصورت ۽ سڃاڻپ ۾ اضافو ٿيندو. شهر ۾ اهڙا وڌيڪ منصوبا شرع ڪيا ويندا ته جيئن واپاري ۽ ثقافتي ورثو محفوظ رهي.صحافين سان ڳلهين ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته سهيل آفريدي هڪ عوامي نمائندو آهي، ڪراچي اچڻ تي ڪي ايم سي کيس ڀليڪار چوندي. هن مزاحيه انداز ۾ چيو ته آفريدي صاحب ايندو ته حسن علي هوتي مارڪيٽ ۾ برگر کارائينداسين انهي کي اجرڪ به پارائي ويندي.ميئر ڪراچي ماضي جي ميئر بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته نعمت الله خان، عبدالستار افغآني ۽ مصطفيٰ ڪمال فوجي آمر جي دور جا ميئرز هئا.هن چيو ته ڪي ايم سي جي وسيلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب تاريخي مارڪيٽن جي بحالي ممڪن ٿي رهي آهي. شهر ۾ پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ فور منصوبا، حب ڪينال ۽ ٻين اسڪيمن تي ڪم جاري آهي. نيون بسون به ڪراچي اچي رهيون آهن. ايندڙ ڏيڍ سال ۾ ترقياتي ڪم واضح نظر ايندو بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اهو سلسلو جاري رهندو.










