نامعلوم جوابدار ڪمپنيءَ جي وين مان 30 ڪروڙ رپيا ڦري فرار

نامعلوم جوابدار ڪمپنيءَ جي وين مان 30 ڪروڙ رپيا ڦري فرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ سيڪيورٽي ڪمپنيءَ جي ڪيش وين مان وڏي ڦر ٿي وئي.جوابدار مبينا طور تي 30 ڪروڙ رپيا ڦري فرار ٿي ويا، پوليس جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي سينٽرل موجب، سفر دوران عملو فيڊرل بي ايريا ويجهو چانهه پيئڻ لاءِ رڪيو، ان دوران چار جوابدار موقعي تي پهتا ۽ وين تي قبضو ڪري ورتائون. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته ڌاڙيل ڪيش جا ٿيلها ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ۾ منتقل ڪري فرار ٿي ويا. سنڌ جي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سينٽرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو