ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ٽربيونل ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل جي جسٽس ارشد حسين نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ان سان گڏ فردوس شميم نقوي جي نئين بينچ آڏو پيش ٿيڻ لاءِ درخواست چيف جسٽس کي موڪلي وئي.










