اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان خيبرپختونخواهه اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ خلاف وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي معاملو لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ عملي ۽ طريقيڪار ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪيس ۾ عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت آرٽيڪل 184 جي شق 1 تحت درخواست داخل ڪئي، جيڪا وفاق ۽ صوبي وچ ۾ تڪرار بابت سپريم ڪورٽ جي دائري اختيار سان لاڳاپيل آهي.سپريم ڪورٽ سوال اٿاريو آهي ته قانون سازي جي معاملي تي تڪرار کي ٻن حڪومتن وچ ۾ تڪرار چئي سگهجي ٿو؟ هي سوال پنهنجي قسم جو پهريون آهي.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اهو به سوال ڪيو آهي ته فوجداري قانون جي ڪهڙي وصف آهي؟ اهو به عدالتي ڪارروائي ۾ جاچيو ويندو.










