ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي سومرکان سڄي صوبي جي اسڪولن ۾ ڪورونا جي ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. تعليم واري وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلي بعد ان جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪولز اڪبر لغاري ۽ سيڪريٽري ڪالج خالد حيدر شاهه سوڌو ٻيا عملدار به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ، نجي اسڪولز جي رجسٽريشن جو ٻيهر جائزو وٺڻ، انسپيڪشن لاءِ ٽيمون جوڙڻ، ڊيٽا بيس مڪمل ڪري مڪينزم بڻائڻ ۽ استادن جون پگهارون به معلوم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ويڪسينيشن کان زندگي معمول تي آئي آهي، اسڪول کولي رکڻ جي لآءِ اسان کي به نائين کان ٻارهين تائين شاگردن جي ويڪسينشن ڪرڻي پوندي، والدين کان ٻارڙن کي ويڪسينيشن لڳائڻ جا رضامندي سرٽيفڪيٽ ورتا وڃن. سردار شاهه چيو ته نجي اسڪولن جي استادن کي سنڌ حڪومت جي طرفان مزدور جي مقرر ڪيل پگهار جي موجب پگهار ڏيڻي پوندي، اهڙي طرح سمورن اسڪولز کي 10 سيڪڙو ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيڻي پوندي. هن چيو ته قانون موجب نجي تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي آهي، جنهن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، جڏهن ته نجي اسڪولن جي استادن کي سنڌي پڙهائڻ جي تربيت لينگيو اٿارٽي ڏيندي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز