ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس چيف ايڊيشنل آءِ جي جاويد اوڍو چيو آهي ته ڪراچي ۾ نئين سال جي موقعي تي لاقانونيت ۾ ملوث ماڻهن کي سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي پڪڙيو ويندو.هن چيو ته نئين سال جي موقعي تي ڪراچي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا پيا وڃن. فساد، هوائي فائرنگ ۽ لاقانونيت جي اجازت ناهي.ڪراچي پوليس چيف چيو ته فائرنگ جو ڪيس هوائي فائرنگ جو نه پر قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ڪو به علائقو بند نه ڪيو ويندو.هن چيو ته پوليس کي ٽريفڪ جي وهڪري کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ سيڪيورٽي انتظامن لاءِ 6000 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.هن چيو ته مقصد ڪراچي کي ڏوهن کان پاڪ زون بڻائڻ آهي.










