نئون ڪوٽ(ن س )نئون ڪوٽ ويجهـو زميني تڪرار، تان فائرنگ ھڪ عورت سميت ھڪ مرد زخمي جھڏو اسپتال منتقل ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل نئون ڪوٽ ڀرسان گگھ موري وٽ ٻن ڀائرن ۾ ھلندڙ زميني تڪرار سبب سيد علي شير شاهه، زمين تي ويو ته زمين تي سندس ڀاءُ سيد گل شير شاهه تڪراري زمين تي نوجوان سجاد علي جروار سميت ھڪ عورت آسمہ آرائين کي زمين سنڀالڻ لاءِ ڏني ھئي کان دوران سيد علي شير شاهه مبينه طور واقعي واري هنڌ تي پهتو ۽ پنهنجي زمين تي اچڻ بابت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ تلخ كلامي ٿي۔ تڪرار وڌڻ تي سيد علي شير شاهه پسٽل ڪڍي فائرنگ ڪري ڏني۔ فائرنگ جي نتيجي ۾ سجاد علي جروار ۽عورت آسيه سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي جھڏو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي زخمين کي سول اسپتال جھڏو پھچايو جتي نوجوان سجاد علي جروار کي گڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ڊاڪٽر موجب نوجوان کي هڪ گولي پيٽ ۾ لڳي ۽ ٻي ٽنگ ۾۔ جڏهن ته مسمات آسمه آرائين کي ھڪ گولي پير ۾ لڳي آھي پوليس جوابدار سيد علي شير شاهه جي گرفتاري لاءِ روانه ٿي وئي آهي۔










