مڪاني چونڊون، تعزيتون ۽ چونڊ سرگرميون، جوڙ توڙ شروع

ٺل(ن سنڌيار)سياسي ڌرين طرفان مارچ 2022 ۾ متوقع بلدياتي اليڪشن سبب جيڪب آباد جي يوسيز،ٽائون ڪاميٽين،ووٽن، مردم شماري ۽ رقبي جي لحاظ کان ضلعي جي ٻنھي تعلقن جيڪب آباد ۽ ڳڙھي خيرو کي ملائڻ باوجود   وڏي ۾ وڏو تعلقہ ٺل آهي،ٺل تعلقو جيڪب آباد جي ٻنهي تعلقن کان وڌيڪ حيثيت وارو آھي،جنھن سبب پي ٽي آئي جي وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ پي پي جي صوبائي مشير مير اعجاز خان جکراڻي جو نظرون ھميشه ٺل فتح ڪرڻ لاء ھونديون  آھن،ٺل جي بلدياتي ۽ عام چونڊن جي تاريخ تي نظر وجھجي تہ ڳڙھي حسن سرڪي ۽ دينپور جي سياسي گادين کان علاوه ھتي ٻيو ڪوبہ اميدوار ڪامياب نہ ٿي سگھيو آھي پوء اھو کڻي ايم پي اي جي سيٽ ھجي يا چيئرميني ۽ ناظمي جو دور ھجي ڪڏھن دينپور تہ ڪڏھن ڳڙھي جا اميدوار ڪامياب ٿيندا رھيا آھن 2013 جي عام انتخابات کان پوء ٺل مان ھارائيندڙ پي ٽي آئي اميدوار مير طاھر خان کوسو پي پي جي صوبائي مشير مير اعجاز خان جکراڻي جي ھٿ تي سياسي بعيت ڪري پي پي ۾ شامل ٿي وڃڻ کان پوء شروع کان وٺي ھڪ ٻئي جا حريف رھندڙ سرڪي ۽ کوسو پاڻ ۾ حليف بڻجي ويا آهن ھڪ ئي پارٽي ۾ رھندڙ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب خان سرڪي ۽ مير طاھر خان کوسو دلي طرح سان گڏ ناھن بلياتي اليڪشن لا۽ مير طاھر خان پنھنجي ھڪ وڏي اتحادي مير جھانگير بنگلاڻي ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب خان پنھنجي ڀائٽي سردار ذوالفقار خان سرڪي جي ڪنھن ھڪ پٽ کي چيئرمين ڪرائڻ لا۽ جتن پيا ڪن،ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي تہ پپلز پارٽي جي ھائي ڪمان ٻنھي ڌرين کي اليڪشن ۾ بيھڻ لا۽ چيو آھي ۽ جيڪو اڪثريت سان ڪائونسلر کٽي آيو چيئرميني جي ٽڪيٽ به ان کي ملندي ٻي طرف پي پي مخالف اتحاد جنھن ۾ جي يو آئي جي سردار ذوالفقار ٻرڙو،پي ٽي آئي جي محمد ميان سومري جو عزيز ۽ اتحادي محبوب علي سومرو ۽ دين پور جي مير شفيق خان کوسو پي پي کي شڪست ڏيڻ لا۽ سرگرم ٿي ويا آھن جيڪي ٻين سياسي شخصيتن سان رابطي ۾ آھن،سڀني سياسي ڌرين جو ھڪ ٻئي سان ميل جول،دعوتون،تعزيتون ۽ جوڙ توڙ ۾ مصروف ٿي ويا آهن،ڇاڪاڻ تہ بلدياتي اليڪشن عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ  لا۽ ھڪ ڏاڪي جو ڪردار رکي ٿي ٺل جي صوبائي سيٽ تي ڪاميابي لاء بلديا ٺل جي اليڪشن وڏي اھميت جي حامل ھوندي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو