ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت فشريز کاتي جي هلندڙ ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مڇي جو ٻج تيار ڪندڙ سڀني رٿائن جو ڪم سنڌ جي عوام کي سٺو ٻج فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير لائيواسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي ۽ سنڌ فشريز ميرين ۽ ڪوسٽل ڊپارٽمينٽ جي هلندڙ ترقياتي رٿائن بابت اهم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته مڇي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل جيڪو به سنڌ جو فرد آهي، ان کي ٻج سميت اهي سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي سنڌ حڪومت انهن لاءِ تجويز ڪيون آهن يا انهن جي لاءِ تيار ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايم ڊي ڪراچي فشريز هاربر زاھد ڪيمٽيو، ڊي جي سنڌ فشريز ميرين ۽ ڪوسٽل ڊاڪٽر عاصم حسين، نيسپاڪ، ورڪس اينڊ سروسز سميت بين ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. بريفنگ دوران صوبائي وزير کي پائليٽ پروجيڪٽ ڳاڙھو ۽ شرم فارم هاڪس بي سان گڏوگڏ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي جي ريهبليٽيشن ۽ رينوئيشن اي ڊي پي اسڪيم فيز 2 بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير لائيواسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ حڪومت جو پئسو سنڌ جي عوام جي امانت آهي ۽ اهو عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي عوام خاص ڪري مڇي جي ڪاروبار سان وابسته ماڻهن جي معاشي حالت بهتر کان بهتر ٿي سگهي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو محنت ۽ لگن سان ڪم ڪن ۽ انهن ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪن.










