دادو (ن س) ميهڙ جي قاضي عارف واري علائقي ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ ۾ ٽي پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.ايس ايس پي موجب، جوابدار ميهڙ-فريد آباد لنڪ روڊ تي ڦر جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جڏهن پوليس اطلاع تي پهتي ته جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ٽي پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو، فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا لاءِ وڌيڪ اهلڪار طلب ڪيا ويا آهن.










