ميرپورخاص: (ن س) ميرپورخاص ڀرسان ٽائون ٿاڻي جي حد کاڻ ناڪي وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوان فوت جڏهن ته ساڻس گڏ 02 عورتون زخمي ٿي پيون، پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ميرپورخاص جي علائقي پاڪ ڪالوني واسي نوجوان جھانزيب ميئو ٻن گھر ڀاتي عورتن سان گڏ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي تعليمي بورڊ آفيس وڃي رھيو ھو ته کاڻ ناڪي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر ھنئي ٽڪر سبب نوجوان جھانزيب ميئو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ساڻس گڏ 02 عورتون 18 ورهين جي اقرا ۽ 20 ورهين جي ثنا زخمي ٿي پيون. واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ھوڏانھن واقعي بعد فوتي ۽ زخمين جا وارث سول اسپتال پھچي ويا جتي روڄ راڙو مچي ويو جڏھن ته فوتي نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، علائقي ۾ پڻ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آھي.










