ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب گذريل رات دير سان ڪراچي جي جهانگير روڊ جو دورو ڪيو ۽ ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.مرتضيٰ وهاب چيو ته منصوبن کي مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪري هڪ نئين مثال قائم ڪئي وڃي.هن چيو ته هو پاڻ وڃي منصوبن بابت بريفنگ وٺندو، بند ڪمرن جي ملاقاتن جو وقت ختم ٿي ويو آهي.ميئر ڪراچي چيو ته جهانگير روڊ جي پنهنجي اهميت آهي، هو ماڻهن جي تڪليفن کان مڪمل طور تي واقف آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويندو.










