ميئر جو مختلف علائقن جو دورو ، ترقياتي ڪمن جو جائزو

ميئر جو مختلف علائقن جو دورو ، ترقياتي ڪمن جو جائزو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو.ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب دوري دوران شاهراهه فيصل، جهانگير روڊ ۽ ٻين هنڌن تي ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته عيد کان اڳ ڪم مڪمل ڪيو وڃي ۽ شهرين جون شڪايتون حل ڪيون وڃن. ترقياتي ڪم کان پوءِ ٽرئفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ايندي.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪم جي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ٺيڪيدار کي چيڪ ڪرڻ کان پوءِ ئي پئسا ڏنا وڃن، مان توهان کي يقين ڏيان ٿو ته شهر ۾ جلد بهتر انفراسٽرڪچر هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو