لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ مونس الاهي خلاف لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته مونس الاهي پراسيڪيوشن جي الزامن تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي ان ڪري عدالت کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مونس الاهي جي گرفتاري تائين ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا وڃن.










