موسمياتي تبديليون ،سيپٽمبر  گرم ترين مهينو قرار

موسمياتي تبديليون ،سيپٽمبر گرم ترين مهينو قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)موسمياتي تبديلين جا اثر مسلسل سامهون اچي رهيا آهن ۽ هاڻي سائنسدانن گذريل مهيني کي انساني تاريخ جو گرم ترين سيپٽمبر قرار ڏنو آهي. حقيقت ۾ سيپٽمبر 2023 ۾، عالمي گرمي پد اهڙي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو جنهن سائنسدانن کي حيران ڪري ڇڏيو.هي مسلسل چوٿون مهينو آهي جنهن کي انساني تاريخ ۾ گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو آهي.ان کان اڳ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ به گرم ترين مهينا رڪارڊ ڪيا ويا هئا، جن ۾ جولاءِ خاص طور تي انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو رهيو.يونين جي موسمياتي ايجنسي ڪوپرنيڪس ڪلائيميٽ چينج سروس (سي سي سي ايس) جي مطابق، سيپٽمبر جي دوران گرمي پد اڳئين صنعتي سطح کان مٿي 1.8 درجا سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ٻئي جولاءِ ۽ آگسٽ جي گرمي پد 1.5 درجا سينٽي گريڊ اڳ جي صنعتي سطح کان وڌيڪ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو