مودي ڪربلا جي ياد کي جرم بڻائي ڇڏيو آهي: مشعال

مودي ڪربلا جي ياد کي جرم بڻائي ڇڏيو آهي: مشعال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشال ملڪ چيو آهي ته مودي ڪربلا جي ياد کي ڏوهه بڻائي ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مشال ملڪ چيو ته مودي سرڪار والاريل ڪشمير ۾ عاشورا جي جلوسن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اتي مذهبي آزادي مودي جو نشانو آهي.مشال ملڪ چيو ته عاشورا تي ڪرفيو آهي ۽ نوجوان قيد آهن. مذهب آزاد ناهي، مودي جي حڪمراني ۾ سوگ تي به پابندي آهي.هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مذهبي جلوسن کي روڪي مودي انسانيت کي قتل ڪري رهيو آهي، مودي جو مذهبي ظلم ظلم جي انتها آهي.مشال ملڪ اهو به چيو ته مودي سرڪار محرم جي آوازن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مودي جو ظلم واضح آهي، عاشورا جي جلوسن تي پابندي ان جو ثبوت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو