مهانگائي گهٽ ٿيڻ بابت حڪومت جا اعلان ڪوڙا قرار

مهانگائي گهٽ ٿيڻ بابت حڪومت جا اعلان ڪوڙا قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ننڍن واپارين سال 2025 کي ڪاروباري، سرمائيڪاري، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي حوالي سان تاريخ جو بدترين سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي.واپارين ٻڌايو ته 2025 ۾ واپاري سرگرميون 60 سيڪڙو کان به گهٽ رهيو. سياسي عدم استحڪام معاشي بحران کي جنم ڏنو، مستقبل کان مايوسي ۽ غير يقيني صورتحال سبب مقامي مارڪيٽ تي سرمائيڪارن جو ڀروسو نه ٿي سگهيو، نوان واپاري ۽ صنعتي يونٽ به قائم نه ٿي سگهيا.آل ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه عتيق مير طرفان جوڙيل رپورٽ موجب سال 2025 تاله بندي جو سال رهيو. تمام گهڻين صنعتن ۽ ڪاروبار جي بندش سبب بيروزگاري ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. سرمائي جي پرڏيهه ملڪ منتقلي جو رجحان وڌي ويو. مسلسل وڌندڙ ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي مهانگائي 2025 کي وچولي طبقي لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب بنائي ڇڏيو.ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ جا دعويدار صنعت ۽ واپار کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان نه بچائي سگهيا. 2025 ۾ سرڪاري شعبن جي ڪارڪردگي به بدترين رهي. نااهلي ۽ غفلت ۾ ٻڏل حڪمرانن پرڏيهي سرمائيڪاري جي نالي سان 35 پرڏيهي ملڪن جا دورا ڪيا. پر هڪ ٽڪو به نه اچي سگهيو، جڏهن ته مقامي سرمائيڪار به ٻاهرين منتقل ٿيندا رهيا.ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جون سنجيده ڪوششون ۽ حڪمت عملي نظر نه آئي، 2026 ۾ به پري پري تائين پريشانين جي خاتمي ۽ بهتري جي اميد نظر نه اچي رهي آهي. آل ڪراچي واپاري اتحاد جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪسز جي ڀرمار، بجلي، گيس، پيٽرول ۽ ڊالر جون برداشت نه ڪرڻ جوڳيون قيمتون ۽ مصنوعي مهانگائي جي روڪٿام نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ معيشت مسلسل وڌندڙ هولناڪ ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي مهانگائي 2025 کي غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب بنائي ڇڏيو.ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جا دعويدار، صنعت، واپار کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان نه بچائي سگهيا، 2025 ۾ سرڪاري شعبن جي ڪارڪردگي بدترين رهي، نااهلي ۽ غفلت ۾ ٻڌل حڪمرانن پرڏيهي سرمائيڪاري جي نالي سان 35 پرڏيهي ملڪن جا دورا ڪيا پر اتان کان هڪ ٽڪو به نه اچي سگهيو. پر هاڻ مقامي سرمائيڪار به پرڏيهي ملڪن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن.ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي ڪابه سنجيده ڪوشش ۽ حڪمت عملي نظر نه آئي، 2026 ۾ به پري پري تائين پريشانين جي خاتمي ۽ بهتري جي اميد نظر نه پئي اچي.آل ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه عتيق مير چيو ته دال، گيهه، کير، گوشت، سبزيون ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿيندو رهيو. معاشي حب ڪراچي مڪمل طور تي مافيا جو شهر بڻجي ويو، واپارين ۽ صعتڪارن کي ڀته خور ڦريندا رهيا. 4 ڪروڙ آبادي جو شهر برداشت نه ڪرڻ جوڳي مهانگائي، بيروزگاري، حددخلين، زمينن تي ناجائز قبضي، ٽريفڪ جي بدنظمي، پاڻي جو بحران، بدامني، لاقانونيت ۽ اذيتناڪ بلدياتي عذاب هيٺ رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو