منظور پشتين جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

منظور پشتين جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت منظور پشتين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالتن ۾ منظور پشتين خلاف ترنول ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس منظور پشتين کي 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران پوليس منظور پشتين جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي جڏهن ته جوابدار جي وڪيل ضمانت جي درخواست داخل ڪئي. عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي منظور پشتين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ضمانت واري درخواست تي ڌرين کي 2 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو