ملڪ ۾ پهريون روزو 19 فيبروري تي رکڻ جو امڪان

ملڪ ۾ پهريون روزو 19 فيبروري تي رکڻ جو امڪان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي رمضان 1447 هجري جي شروعات جي حوالي سان هڪ اهم اڳڪٿي جاري ڪئي آهي.ملڪ ۾ پهريون روزو 19 فيبروري 2026 تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رمضان جو چنڊ 18 فيبروري تي نظر اچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب رمضان جو چنڊ 17 فيبروري تي شام 5:15 تي پيدا ٿيندو. 18 فيبروري تائين ڪراچي ۾ چنڊ جي عمر لڳ ڀڳ 26 ڪلاڪ هوندي، جيڪا ان کي نظر اچڻ لاءِ موزون بڻائيندي.شهر ۾ سج لهڻ جو وقت شام 6:25 ۽ چنڊ لهڻ جو وقت شام 7:24 آهي، جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ چنڊ نظر اچڻ جا امڪان سٺا آهن.ماهرن موجب ملڪ جي اڪثر حصن ۾ موسم جزوي طور تي ڪڪرن واري رهڻ جو امڪان آهي، پر چنڊ نظر اچڻ لاءِ ان جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 19 ڪلاڪ هجڻ گهرجي. جڏهن ته، وڌيڪ معلومات لاءِ، موسميات کاتي جي رپورٽ ۽ مقامي عالمن جي هدايتن جو انتظار ڪيو ويندو ته جيئن رمضان جي پهرين روزي جو آخري اعلان ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو