ملڪ ۾ روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڪراچي ۾ حددخلين واري ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. آرڊر جي ڪاپي اٽارني جنرل، سمورن ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ سمورن سرڪاري ادارن کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.پيمرا کي ان حوالي سان عوامي خدمت جو پيغام شايع ۽ نشر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون 3 ڏينهن اندر روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪن. ان کان علاوه چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ 5 ڏينهن ۾ 46 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. سڀ کان وڌيڪ ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ 15 سالن کان التوا ۾ آهن. 22 کان 26 اپريل تائين سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ 49 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو