ملاوٽ خلاف ڪريڪ ڊائون، 92 هزار ليٽر کير ضبط، ڏنڊ  لاڳو

ملاوٽ خلاف ڪريڪ ڊائون، 92 هزار ليٽر کير ضبط، ڏنڊ لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي جو 11هون بورڊ اجلاس صوبائي وزير خوراڪ ۽ چيئرمين بورڊ مخدوم محبوب الزمان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ غذائي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم اصلاحاتي ۽ نفاذي قدمن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن فياض علي ٻٽ، سعديه جاويد، سکندر علي شورو ۽ هالار وسان شرڪت ڪئي. ان کان علاوه سيڪريٽري خوراڪ، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري زراعت، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي شهزاد فضل عباسي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنس شعبي مان سيد محمد غفران سعيد پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اعليٰ سطحي مشاورت کانپوءِ ڪيتريون ئي اهم فيصلا ڪيا ويا، جن جو مقصد صوبي ۾ محفوظ، معياري ۽ صحت بخش خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2025 کان جنوري 2026 دوران سڄي صوبي ۾ مجموعي طور تي 47 هزار 875 انسپيڪشنز ڪيون ويون ۽ بهتري جا نوٽيس جاري ڪيا ويا. اهي ڪارروايون ريسٽورنٽس، ڪيٽرنگ سينٽرز، کير ۽ ڊيئري يونٽس، فوڊ مينيو فيڪچرنگ يونٽس، واٽر آر او پلانٽس، گوشت جي دڪانن ۽ جنرل اسٽورن سميت مختلف شعبن ۾ ڪيون ويون. قانون جي ڀڃڪڙي تي 370 فوڊ آئوٽ ليٽس کي سيل ڪيو ويو. صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان اجلاس کي ٻڌايو ته ڪاررواين دوران 92 هزار ليٽر ملاوٽ ٿيل کير ضبط ڪري تلف ڪيو ويو ته جيئن شهرين کي نقصانڪار خوراڪ کان بچائي سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته لائسنسنگ ۽ ڏنڊن جي مد ۾ مجموعي طور 34 ڪروڙ 32 لک 91 هزار 901 رپيا وصول ڪيا ويا آهن. سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ 2016 ۾ جامع ترميمن جي اصولي منظوري ڏني وئي ته جيئن قانوني فريم ورڪ کي جديد تقاضن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. فوڊ سپلاءِ چين ۾ شفافيت لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن ذريعي خوراڪ جي تياري کان ورڇ تائين نگراني ٿي سگهندي. سينٽرل فوڊ ٽيسٽنگ ليباريٽري ڪراچي ۽ ٻن موبائيل ليباريٽريز لاءِ ضروري سامان جي خريداري جي منظوري ڏني وئي. اداري جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 235 نيون ٽيڪنيڪل ۽ غير ٽيڪنيڪل اساميون منظور ڪيون ويون. شفافيت ۽ گورننس کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. مخدوم محبوب الزمان خطاب ڪندي چيو ته عوام کي معياري خوراڪ جي فراهمي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ملاوٽ مافيا خلاف ڪارروايون وڌيڪ سخت ڪيون وينديون. اجلاس هن عزم سان ختم ٿيو ته عوامي صحت جي تحفظ تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو