ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ خوشخبري ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ ۽ گورنر هائوس جي ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس تجويز جي منظوري ڏني وئي.پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي، انفرا اسٽرڪچر ۽ فلاحي منصوبا شامل آهن.هن ٻڌايو ته اين اي ڊي يونيورسٽي جي عمارت ٺاهڻ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ چرچ جي بحالي جي منظوري ڏني وئي.سندس چوڻ هو ته سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ ۽ گورنر هائوس جي ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس جي تجويز جي به منظوري ڏني وئي آهي.شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ آرڪائيو لاءِ 100 ميلن رپين جي منظوري ڏني وئي، سنڌ آرڪائيو ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ ورثن کي محفوظ رکي سگهبو.ان کانسواءِ سجاول ۽ شڪارپور ۾ روڊن جي تعمير جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا فلڊ ايمرجنسي لاءِ 6.1 ارب رپيا به منظور ڪيا.هن چيو ته حيدرآباد – سکر موٽر وي جي تعمير لاءِ زمين جي خريداري جي مد ۾ هڪ ارب 13 ڪروڙ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.










