ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سندھ انفارميشن ڪميشن معلومات جي رسائي ۽ شفافيت جي ايڪٽ 2016 تحت معلومات فراهم نه ڪرڻ تي ٽائون ڪميٽي پريالو، ضلع خيرپور جي ٽائون ميونسپل آفيسر کي 10 ڊسمبر تي ڪميشن جي آفيس ۾ طلب ڪري ورتو آهي۔ سيد امتياز احمد شاهه پاران ٽائون ڪميٽي جي بجيٽ، ان جي استعمال، اسٽاف جي تفصيل، ترقياتي منصوبن، ٽيڪس ڪليڪشن جا انگ اکر ۽ ٻين معاملن بابت معلومات طلب ڪئي وئي هئي۔ڪميشن جي نوٽيس ۾ ٽي ايم او کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سمورا گهريل رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي پيش ٿئي۔ نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته معلومات فراهم نه ڪرڻ ايڪٽ 2016 جي خلاف ورزي آهي، جنهن تحت ڪميشن کي سيڪشن 15 ۽ 16 موجب سزا ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي، جنهن ۾ اڍائي سال تائين قيد، ڏهه هزار رپيا ڏنڊ، پگهار جو 10 سيڪڙو ڪٽوتي يا ٻئي سزائون شامل آهن۔










