مظفر ڳڙهه(ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ تيز رفتار ٽرالي ۽ بس ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 6 ماڻهو فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا.مظفر ڳڙهه جي لنگر سرائي علائقي ۾ تيز رفتار مسافر بس ۽ ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي ڪري بس کي سخت نقصان پهتو.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ بس ڊرائيور، 2 ٻار ۽ 2 عورتون سميت 6 ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته بس ۾ سوار 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا.واقعي کان پوءِ وڏي انگ ۾ ريسڪيو ۽ پوليس ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو.واقعي کان پوءِ فوت ٿيلن ۽ زخمين جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو موجب مسافر بس علي پور کان لاهور وڃي رهي هئي.










