ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي غريب ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ۽ کين معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان سڄي صوبي ۾ پرو پوئر سوشل پروٽيڪشن اينڊ اڪنامڪ سسٽينبلٽي انيشيٽو پروگرام تحت کير ڏيندڙ جانور سنڌ جي غريب خاندانن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اربع ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي ميٽنگ ۾ ڪيو، جنهن ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ڊائريڪٽر اينيمل بريڊنگ سنڌ ڊاڪٽر جمال الدين جوڻيجو، ساجد باسط قادري، ڊي جي پي پي آر ايم ڏنل خان، سي اي او ايس آر ايس او سونو خانگراڻي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ٽي ايم ايف شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان سنڌ جي هر ضلعي ۾ هن پروگرام جي ذريعي غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، خاص ڪري بيواهه ۽ يتيم خاندانن کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن اهي خاندان معاشي طور تي مستحڪم ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو خيال آهي ته هي پروگرام اسان ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن کان شروع ڪنداسين. هن چيو ته اسان هن پروگرام ۾ شفافيت چاهيون ٿا، ڪنهن به سياسي يا سماجي سفارش کي نه مڃيو ويندو. جيڪو غريب ۽ مستحق هوندو، ان کي ئي هن پروگرام مان فائدو ملندو. هن چيو ته ان لاءِ سروي ڪئي ويندي، سنڌ جي هر يونين ڪائونسل مان اسان کي خبر پوندي ته ڪهڙي ضلعي جي ڪهڙي يونين ڪائونسل ۾ غربت وڌيڪ آهي، ۽ اڳتي هلي ان کي ترجيح ڏني ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن پروگرام جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن، ته جيئن سڄي سنڌ جي غريب عوام کي هن پروگرام مان فائدو رسي سگهي.










