ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه 25 ڊسمبر 2025 تي مزارِ قائد ڏانهن ويندي رستي تي سيوريج جو پاڻي بيٺل ڏسي سخت نوٽيس ورتو. ان غفلت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڏي وزير ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾، ايگزيڪيوٽو انجنيئر (XEN) سيوريج، جناح ٽائون، KWSC، علي احمد ۽ سب انجنيئر جناح ٽائون، KWSC، قمر کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مڪاني کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، معطلي دوران ٻنهي آفيسرن جو هيڊ ڪوارٽر مئنيجنگ ڊائريڪٽر KWSC ڪراچي جي آفيس هوندو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پوري شهر ۾ صفائي ۽ سيوريج جي نظام کي فوري ۽ اثرائتن قدمن ذريعي بهتر بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته صفائي ۽ نيڪال جي معاملن ۾ غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته صفائي ۽ نيڪال جي نظام ۾ ڪنهن به ڪوتاهيءَ خلاف “زيرو ٽالرنس” پاليسي سختي سان نافذ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪنهن به آفيسر جي غفلت جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.










