مخصوص سيٽن تي حلف کڻندڙ ميمبرن جو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

مخصوص سيٽن تي حلف کڻندڙ ميمبرن جو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي حلف کڻندڙ ميمبرن فيصلي تي نظرثاني جي لاءِ ذاتي طور تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اهي ميمبر ڌار ڌار سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪندا جنهن ۾ ميمبر پنهنجي موقف ۾ چوندا ته اسان کي ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو ڏنو ويو. اهڙن ميمبرن پٽيشن ۾ لکيل لفظن تي مشاورت به مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ميمبرن کي پٽيشن داخل ڪرڻ جو حڪم سياسي پارٽين ڏنو آهي. ظاهري طور تي ميمبر ذاتي طور تي پٽيشن داخل ڪندا پر انهن کي پارٽين جي لڪيل ۽ سامهون جي حمايت حاصل هوندي.ذريعن موجب مخصوص سيٽن جي فيصلي خلاف پٽيشن ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت فيصلي ۾ اهي سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي(ن) ليگ فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو