اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي مخصوص سيٽون ٻئي سياسي پارٽي کي ڏيڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.وڪيل فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي آزاد کٽيندڙ اسيمبلي ميمبرن سني اتحاد ڪونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا 7 اميدوار اڃان تائين آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي جو حصو آهن؟ جسٽس اطهر من الله پڇيو ته ڇا پي ٽي آءِ هڪ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي؟ جنهن تي فيصل صديقي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ هڪ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي. جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته آزاد ميمبر کي ڪيترن ڏينهن ۾ ڪنهن پارٽي ۾ شموليت ڪرڻي پوندي آهي.جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽي وٽ چونڊ نشان نه هجي ته ڇا ان جا اميدوار نمائندگي جي حق کان محروم ٿي ويندا؟ جنهن تي فيصل صديقي جواب ڏنو ته ڪابه سياسي پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺي پارلياماني پارٽي بڻجي سگهي ٿي ٻئي صورت اها آهي ته ڪابه سياسي پارٽي چونڊن ۾ حصو نه وٺي ۽ آزاد کٽيندڙ ميمبر انهي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن.جسٽس منصور علي شاهه پڇيو ته سياسي پارٽين وچ ۾ مخصوص سيٽن جي ورهاست ڪهڙي فارمولي جي تحت ٿي آهي. ڇا سياسي پارٽيون پنهنجي کٽيل سيٽن موجب مخصوص سيٽون ورتيون يا وڌيڪ به وٺي سگهن ٿيون؟ وڪيل فيصل صديقي چيو ته ڪابه سياسي پارٽي پنهنجي مينڊيٽ کان وڌيڪ ڪنهن به صورت ۾ مخصوص سيتون نٿي وٺي سگهي.مخصوص سيٽن تي نامزد عورت اسيمبلي ميمبرن طرفان بينچ تي اعتراض اٿاريو ويو ۽ وڪيل عورت ميمبرن چيو ته اهو آئين جي آرٽيڪل 51 جي تشريح جو ڪيس آهي پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي تحت ڪيس 5 رڪني بينچ ٻڌي سگهي ٿي.وفاقي حڪومت طرفان به 3 رڪني بينچ تي اعتراض ڪيو ويو ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته اپيلون لارجر بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ بينچ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اڃان ته شروعاتي ٻڌڻي آهي جيڪڏهن اپيلون ٻڌڻ جوڳيون قرار ٿي ويون ته ڪوبه بينچ ڪيس ٻڌي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ته 2 رڪني بينچ به ٻڌڻي ڪري سگهي ٿو.جسٽس اطهر من الله چيو ته سياسي پارٽين کي کٽيل سيٽن جي حوالي سان مخصوص سيٽون ملي سگهن ٿيون. جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته بچيل سيٽون انهن سياسي پارٽين ۾ ورهائجي وينديون.جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته اسان کي عوام جي ڏنل مينڊيٽ جي حفاظت ڪرڻي آهي اصل مسئلو عوام جي مينڊيٽ جو آهي. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چونڊ نشان نه ملڻ تي اها سياسي پارٽي چونڊن ۾ حصو نٿي وٺي سگهي؟ وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو اهوئي سوال کڻي چونڊن کان اڳ عدالت ويو هئس. جسٽس اطهر من الله چيو اها ڳالهه ته طئي آهي ته جنهن پارٽي جي جيتري نمائندگي آهي اوتريون ئي مخصوص سيتون ملنديون. جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن جو مينڊيٽ ڪنهن ٻئي کي ڏنو وڃي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا پهريون ڀيرو ائين ٿيو ته هڪ وڏي سياسي پارٽي کي چونڊ نشان کان محروم ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کان ڪيس جو رڪارڊ فوري طور تي طلب ڪري ورتو جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هن ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪرڻ چاهيون ٿا، آئين جي اسڪيم ئي اها آهي ته مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اسان جي لاءِ ڪابه سياسي پارٽي اهم نه آهي، ڏسڻو اهو آهي ته عوام جي مينڊيٽ جي ان ۾ جهلڪ آهي يا نه. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سني اتحاد ڪونسل وفاق کي ڌر ئي نه بنايو آهي. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته وفاق جيڪڏهن پارٽي نه آهي تڏهن به نوٽيس ڪري رهيو آهي اٽارني جنرل کي گهرايو، اختياريون اليڪشن ڪميشن ۽ اٽارني جنرل ساڍي 11 وڳي پيش ٿين. وقفي کان پوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪنهن اميدوار سياسي پارٽي جوائن نه ڪئي هئي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا آزاد اميدوارون جون سيٽون ٻين پارٽين کي ورهائي ڏئي سگهجن ٿيون؟ جڏهن ته جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ ڪجهه سيٽون بچي وڃن ته انهن جو ڇا ڪرڻو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هڪ سوال آهي ڇا ورهايل سيٽون ٻيهر ورهائي سگهجن ٿيون ٻيو اهو ته مخصوص سيٽون ان لاءِ ورهايون ويون ته هائوس پورو ٿئي ان ۾ غلطي ڪٿي آهي؟ جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته پارلياماني پارٽي مڃڻ باوجود مخصوص سيٽن کان ڪيئن محروم رکيو ويو. پاڪستان جي آئين جي شروعات به ائين ئي ٿيندي آهي ته عوامي گهرجن موجب معاملا اڪلايا وڃن. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي چيو ته اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري رهيا آهيون فيصلي جي معطلي صرف اضافي سيٽن جي حد تائين هوندي.










