لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ اٺ دهشتگرد مارجي ويا ۽ پنج سخت زخمي ٿي پيا، سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز، انٽيليجنس تي ڪارروائي ڪندي لڪي مروت جي واندا شيخ الله علائقي ۾ هڪ ڪارروائي ۾ اٺ دهشتگرد مارجي ويا ۽ پنج ٻين کي سخت زخمي ڪيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن اهڙي فوجي مهارت سان ڪيو ويو جو دهشتگردن کي فرار ٿيڻ جو ڪو به موقعو نه ڏنو ويو. علائقي ۾ ممڪن دهشتگردن جي موجودگي جي خدشن کي نظر ۾ رکندي سرچ آپريشن جاري آهي.










