ڊيره اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) لکي مروت جي تعلقي غزني خيل ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو.پوليس موجب 4 اڻڄاتل ماڻهن وانڊه جوگي اڏي جي ڀرسان پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪئي، هٿياربندن اي ايس آءِ ممتاز علي کي پڪ اپ گاڏي مان لاهي نشانو بنايو، شهيد پوليس اهلڪار ٽانڪ ۾ مقرر هو واقعو پيزو ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو.پوليس موجب شهيد اهلڪار جو والد به پوليس ۾ سب انسپيڪٽر هو جيڪو هاڻ رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. هٿياربند موٽر سائيڪل تي سوار ٿي آيا هئا، دهشتگرد ضلعي ٽانڪ جي ڪچي واري رستي ملاگان سائيڊ کان آيا.پوليس چيو ته جوابدار جنهن رستي کان آيا واردات کان پوءِ ساڳئي رستي تان فرار ٿي ويا. واقعي کان پوءِ پوليس علائقي جو گهيراءُ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










