لوهر ڪالوني ۾ سلينڊرڌماڪو، 3 ڄڻا فوت

لوهر ڪالوني ۾ سلينڊرڌماڪو، 3 ڄڻا فوت

لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻو جي علائقي لہر ڪالوني ۾ گهرن اندر گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل هڪ ٻي عورت به ڪراچي ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي۔پوليس موجب لہر ڪالوني ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي سبب زخمي ٿيل عورت ساجدہ جتوئي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي۔ واقعي ۾ هن وقت تائين ٻه عورتون ساجدہ جتوئي، ياسمين مغيري ۽ 6 ورهين جو ٻار غلام مصطفيٰ مغيري فوت ٿي چڪا آهن۔ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 18 ڄڻن جو علاج ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر ۾ جاري آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن گهرن اندر گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن ڪري علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو۔ واقعي کانپوءِ متاثر علائقي ۾ سوڳ جو ماحول آهي، جڏهن ته وارث غم سان نڊھال آهن۔ پوليس موجب واقعو گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو