گهوٽڪي (ن س) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، شهيد نصر الله ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، عدالت ڪيس ۾ دهشتگردي جا سيڪشن بحال ڪري ڇڏيا،خالد لنڊ ۽ سندس پٽ ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالت مان فرار ٿي ويو،پوليس انهن گرفتاري ڪرڻ سان لنوائيندي رهي جنهن سبب هو فرار ٿي ويا،شهيد نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سچ جي فتح ٿي آهي










