لنجار ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻي جو دورو،سيڪيورٽي جو جائزو

لنجار ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻي جو دورو،سيڪيورٽي جو جائزو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو، جتي هن محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ضلعي سطح جي ٻين سينيئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي .اجلاس دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻي گهرو وزير کي ڳڙهي خدا بخش، نوديرو، جلسي گاهه، مزار ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ ڪيل سيڪيورٽي قدمن ۽ گڏيل حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شهادت جي ڏهاڙي تي 8500 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ جوان سيڪيورٽي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي پاران فراهم ڪيل اضافي نفري ان کان علاوه مقرر ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻي مطابق ريپڊ ريسپانس فورس ۽ ليڊيز پوليس اهلڪارن سميت خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته سمورن خاص رستن، وي وي آءِ پي روٽس ۽ حساس هنڌن جي سوئيپنگ ۽ ڪليئرنس جو عمل جاري آهي. مزار، جلسي گاهه ۽ آسپاس جي مڪمل سوئيپنگ اڄ رات تائين مڪمل ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مزار، جلسي گاهه ۽ سمورن اهم رستن تي نائيٽ ويزن سي سي ٽي وي ڪيمرائون مستقل بنيادن تي لڳايون ويون آهن، جڏهن ته ماضي ۾ اهي ڪيمرائون عارضي طور لڳايون وينديون هيون. ان کان علاوه ڪچي جي علائقن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پڻ مستقل ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، جن جي مانيٽرنگ عاقل شاهه ٿاڻي تان ڪئي پئي وڃي. سموريون ڪيمرائون سولر سسٽم سان ڳنڍيل آهن ته جيئن بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ به نگراني جو عمل متاثر نه ٿئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻي وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جي سمورن پوسٽن جي مرمت ۽ آرائش کان بعد انهن کي جديد سهولتن سان فعال ڪيو ويو آهي. مزار تي سيڪيورٽي انتظام چار سطحي سيڪيورٽي نظام تحت ڪيا ويا آهن. جلسي گاهه ۾ ڪنهن به قسم جو بيگ، شاپر يا سامان کڻي وڃڻ تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته اندرين حصي ۾ پوليس جون خاص ٽيمون متحرڪ رهنديون ۽ مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي ويندي. ان موقعي تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اجلاس کي هدايتون ڏنيون ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي سڄي صوبي ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته جلسي گاهه، داخلي و خارجي رستن، پارڪنگ ايرياز ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اضافي نفري مقرر ڪئي وڃي. گهرو وزير وڌيڪ هدايت ڏني ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ خفيه نگراني، واڪ ٿرو گيٽس، ميٽل ڊيٽيڪٽرز ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي سخت نگراني يقيني بڻائي وڃي. شهرين جي سهولت ۽ سيڪيورٽي لاءِ گڏيل ٽريفڪ پلان جوڙيو وڃي، متبادل رستن جي واضح نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا وڃن. سنڌ جي گهرو وزير واضح ڪيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مڪمل الرٽ رهندا ۽ امن امان ۾ خلل وجهڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. آخر ۾ گهرو وزير جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي ته هو سيڪيورٽي ادارن سان مڪمل تعاون ڪن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي جي صورت ۾ فوري طور لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڏين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو