لطيف آباد جي اسپتال ۾ نينگر علاج دوران فوت، لاپرواهي جو الزام

لطيف آباد جي اسپتال ۾ نينگر علاج دوران فوت، لاپرواهي جو الزام

حيدرآباد : (ن س) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ 14 ورھين جو نينگر علاج دوران فوت ٿي ويوـ وارثن ڊاڪٽر تي لاپرواهي جو الزام مڙهيندي اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 11 جي رھواسي محمد حنين کي علاج لاء هلال احمر اسپتال آندو ويو جتي نينگر جي حالت خراب ٿيڻ کان پوءِ نينگر فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل نينگر جي والد الزام لڳائيندي چيو ته ڊاڪٽر جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب منهنجو پٽ فوت ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر ڄاڻي واڻي وڌيڪ ڊوز ڏنو جنھن بعد منهنجي پٽ جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.واقعي خلاف فوت ٿيل نينگر جي وارثن اسپتال ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن دوران نينگر جي وارثن ذميوار ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو.انهي حوالي سان اسپتال انتظاميه جو موقف به سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪو به ملوث ھوندو انهي جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو