لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻو ڀرسان ڳيريلو ٿاڻي جي حد سيھواني روڊ واري علائقي ۾ سنيپ چيڪنگ دوران پوليس ۽ ٽن ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ڌرين جي فائرنگ دوران ڏوهارين جي پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ سبب هڪ ڏوهاري مارجي ويو. مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ 25 لک انعام يافته خطرناڪ ڌاڙيل ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي طور ٿي آهي.
پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل، لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ مقابلي دوران مارجي ويل بدنام ڌاڙيل ساٿي جتوئي جي گينگ جو اهم ميمبر هو، جڏهن ته شهيد انسپيڪٽر مير محمد کوسو جي شهادت واري ڪيس ۾ به ملوث رهيو.
مارجي ويل ڌاڙيل ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي 53 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن، منظم ڏوهن ۽ شهرين سان ڦرن ۾ ملوث هو، جڏهن ته 17 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ اشتهاري ڄاڻايل هو. سندس گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت طرفان 25 لک رپيا انعام مقرر ڪيل هو.
لاڙڪاڻو پوليس طرفان سموري ضلعي ۾ پوليس پيٽرولنگ، سخت اسنيپ چيڪنگ، سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، جيئن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. مارجي ويل ڌاڙيل جي ٻين ساٿين خلاف به ڪارروائيون جاري آهن.










