لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ هٿياربندن جو گھر تي حملو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب حملي جو سبب ڀنڊ برادري ۾ رشتيداري جي تڪرار سبب پيش آيل آهي. واقعو کان پوءِ مقتول عورت ۽ زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب واقعي بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔










