لاڙڪاڻو: (ن س) هڪ نوجوان جو موٽرسائيڪل بجلي جي ٿنڀ سان ٽڪرائجي وڃڻ سبب فوت ٿي ويو.لاڙڪاڻو جي رسول آباد علائقي ۾ تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو. موٽرسائيڪل تي سوار 17 سالن جو نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جا اعليٰ عملدار ۽ ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. فوت ٿيل نوجوان جي لاش کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، سندس وارثن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، ضروري ڪارروائي کانپوءِ نوجوان جي لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.










