لاهور ويجهو سيڪيورٽي فورسز ڀارتي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو

لاهور ويجهو سيڪيورٽي فورسز ڀارتي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو

لاهور)ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڀارتي ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو.پوليس ذريعن موجب، هڪ ڀارتي ڊرون جي حرڪت پاڪستان ۾ ڏٺي وئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز لاهور جي مناوان علائقي ۾ ڪيرائي ڇڏيو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز فوري طور تي ڊرون کي نشانو بڻايو ۽ ان کي ڪيرائي ڇڏيو. شروعات ۾، ڊرون نگراني ڪندڙ لڳي رهيو هو ۽ ان ۾ ڪو به ڌماڪيدار مادو نه هو.پوليس ذريعن موجب، انٽيليجنس ايجنسين ڊرون کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو