قومي چئلينج نعرن سان نه پر خدمت سان حل ٿيندا

قومي چئلينج نعرن سان نه پر خدمت سان حل ٿيندا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينج صرف نعرن سان نه پر خدمت جي جذبي سان حل ٿيندا.ڪراچي ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ هميشه علم، رواداري ۽ ثابت قدمي جي سرزمين رهي آهي. سنڌو ماٿري جي تهذيب کان وٺي جديد ڪراچي تائين، هن مٽي مفڪر، طبيب ۽ اصلاح پسند پيدا ڪيا آهن.هن چيو ته پاڪستان اڃا تائين صحت جي شعبي ۾ سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جهڙوڪ ماءُ ۽ ٻار جي موت، غذائي کوٽ ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ بيماريون.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته درپيش چئلينج صرف نعرن سان حل نه ٿيندا، پر توهان جي صلاحيتن، اخلاقيات ۽ ضرورت جي وقت ۾ خدمت جي جذبي سان حل ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو