حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي مڪي شاھ ٿاڻي جي پوليس انڌي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.
پوليس ترجمان موجب مڪي شاھ پوليس ڪارروائي ڪندي 1/2026 دفعه 302 تعزيرات پاڪستان جي ڪيس ۾ ملوث عرفان عرف جون سينا ڪچي قلعي جو رهائشي، ولي پٺاڻ رھائشي پٺاڻ ڳوٺ آٽو بھان روڊ، شاڪر حسين بلوچ رھائشي مڪراني پاڙو ٽنھي جوابدارن کي ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب ڪجھ ڏينهن پھريان ھڪ اڻڄاتل نوجوان جي ڳلو ڪپيل لاش ماربل مارڪيٽ جي پٺيان ملي ھئي، جنھن جي سڃاڻپ ذيشان خان جي نالي سان ٿي ھئي، ٽئي جوابدار ذيشان خان جي قتل ۾ ملوث آھن ، پوليس وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي.










