قاتل گرفتار ڪريو، متاثرن جو ڦاٽڪ بند ڪري ڌرڻو ۽ احتجاج

باڊھه (رپورٽ محمد قاسم ٻگھيو)ڳوٺ دڙا ۾ گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪيل مسمات افروز جوڻيجو جا قاتل ٻه هفتا گذري وڃڻ باوجود گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران دڙا ڦاٽڪ بند ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو. جنهن سبب باڊهه – لاڙڪاڻو روٽ تي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتولا جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي امتياز علي جوڻيجو, شاھنواز , حافظ علي محمد جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته هٿياربندن گهر ۾ گهري مسمات افروز کي  بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا، جنهن  جو باڊهه ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي پر هن وقت تائين باڊهه پوليس ڪَک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. هن وقت به بااثر جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي حراسان ڪري سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن, جن مان اسان جي جان ۽ مال کي خطرو آهي هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري, اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي, ٻئي طرف ايس ايڇ او باڊهه شاهد صادق ميمڻ پوليس اٽالي سان ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو