ڪراچي: (اسٽاف رپورٽڙ) ڪراچيءَ مان اغوا ٿيل 6 سالن جي ٻار جو لاش لي مارڪيٽ جي پنجابي گلي مان هٿ آيو آهي.ننڍڙي ولي کي گهر جي ٻاهر تان سومر جي شام اغوا ڪيو ويو هو، نيپئر پوليس ان جو مقدمو داخل ڪيو هو. پوليس معصوم ولي جو ٻوريءَ ۾ بند لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول هسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.ٻار جا گهر وارا غم ۾ نڍال ٿي ويا، هنن اعليٰ اختيارين کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ٻار جي امڙ جو چوڻ آهي ته ٻار جو چٿيل لاش ٻوريءَ ۾ بند ڪري 3 ماڙ عمارت تان هيٺ اڇلايو ويو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اسان کي انصاف گهرجي.ٻار جي پيءُ جو چوڻ آهي ته مان رڪشا هلائيندڙ آهيان، منهنجيون چار ڌيئرون ۽ هڪ پٽ هو، ظالمن منهنجي دنيا اجاڙي ڇڏي. ان حوالي سان علائقي واسين ٻار جي هڪ پاڙيسريءَ کي قتل جي الزام ۾ پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.










