فيلڊ مارشل جي صدر بڻجڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن

فيلڊ مارشل جي صدر بڻجڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي پاڪستان جي صدر بڻجڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن.برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ سان هڪ انٽرويو ۾، ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فيلڊ مارشل عاصم منير جي پاڪستان جي صدر بڻجڻ جون ڳالهيون بي بنياد قرار ڏنيون.جڏهن هندستاني فوجي آپريشن تي پاڪستان جي جواب بابت پڇيو ويو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن ڀيري اسان هندستان جي اوڀر کان شروع ڪنداسين، هندستان جي اندر حملي سان شروع ڪنداسين.ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته هندستان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته انهن کي به ڪٿي به ماري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو