اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت طرفان سويلينز جي ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائيل کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف حڪومت طرفان اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڪابينه جي ٻن ميمبرن نجي چينل کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ طرفان سومر تي ٻڌايل فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي. ان حوالي سان جڏهن ته اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته حڪومت تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪندي.مرتضيٰ سولنگي چيو ته قانون واري وزارت ٻين ادارن سان ملي فيصلي جو جائزو وٺندي. ان معاملي تي قانون واري وزارت جي راءِ کي آڏو رکندي حتمي فيصلو ڪابينه ڪندي.سومر تي سپريم ڪورٽ طرفان ٻڌايل فيصلي ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلنز جو ٽرائيل غير آئيني ۽ قرار ڏنو ويو هو 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي حوالي سان گرفتار 103 ماڻهن جو ٽرائيل عمومي يا خصوصي قانون جي تحت قائم ڪيل فوجداري عدالتن ۾ ڪيو ويندو.










