ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي پهلوان ڳوٺ واري علائقي مان هٿيارن جي غير قانوني خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.رينجرز ترجمان موجب، ڦرلٽ ۽ ٻين واقعن ۾ ملوث جوابدار کان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدار 2021 ۾ آءِ آءِ چندري ڳڙهه روڊ تي هڪ خانگي ڪمپني جي ڪيش وين کي ڦرڻ ۾ ملوث آهي. جوابدار پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ ٻين ساٿين سان گڏ اهو واقعو ڪيو.رينجرز ترجمان چيو ته هڪ خانگي ڪمپني جي ڪيش وين مان 205 ملين رپيا لُٽيا ويا. گرفتار جوابدار واقعن لاءِ غير قانوني هٿيار به وڪرو ڪندو هو.رينجرز موجب، جوابدار جي ٻين ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










