غير قانوني نڪاح ڪيس، جيل ٽرائل جو حڪم

غير قانوني نڪاح ڪيس، جيل ٽرائل جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي مبينا غير قانوني شادي ڪيس ۾ جيل ٽرائل جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ سول جج قدرت الله پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف مبينا غير قانوني نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بشرا بي بي جو وڪيل عثمان گل عدالت ۾ پيش ٿيو. عثمان گل عدالت کي ٻڌايو ته بشرا بي بي لاهور ۾ آهي ۽ هوءَ عدالت ۾ پيش نٿي ٿي سگهي، جنهن تي عدالت چيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين جيل ۾ آهي، بشرا بي بي جيل ۾ ناهي. بشرا بي بي جي وڪيل عثمان گل چيو ته بشرا بي بي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيندي، ضمانتي مچلڪا تيار آهن پر دستخط نه ٿي سگهيا، 2 کان 3 وڳي تائين جو وقت رکو، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بشرا بي بي کي پيش ڪيو وڃي. عدالت چيو ته بشرا بي بي واقعي بيمار آهي ته طبي درخواست داخل ڪري. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين بابت جيل مان رپورٽ آئي ته ڏسنداسين. ان تي عثمان گل چيو ته توهان کي به خبر آهي جيڪا رپورٽ اچڻي آهي، اسان کي به خبر آهي، جنهن تي جج عثمان گل کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي خبر ناهي، ٻڌايو ته ڪهڙي رپورٽ اچڻي آهي. ڪوشش ڪريو ته صرف ڪورٽ ۾ هن ڪيس بابت ڳالهايو. وڪيل عثمان گل عدالت کي استدعا ڪئي ته موڪلن کانپوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ لاءِ لاهور مان اچڻو پوندو. جنهن تي عدالت چيو ته ڪجهه وقت لاءِ اسلام آباد ۾ گهر ڪرائي تي وٺي ڏيو، موڪلن کان اڳ ٻڌڻي ٿيندي. جنهن بعد جيل اختيارين عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪندي جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو. جيل سپرنٽينڊنٽ پنهنجي جواب ۾ چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي. سپرنٽينڊنٽ جيل طرفان پي ٽي آءِ باني جي پيشي لاءِ پوليس اختيارين کي خط پڻ لکيو ويو آهي. عدالت غير قانوني نڪاح ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف جيل ٽرائل جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت طرفان جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو پي ٽي آءِ باني جي عدالت ۾ پيشي بابت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ جي جواب کانپوءِ ڪيو ويو. غير قانوني نڪاح ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي ۽ ڪيس جي اوپن ٽرائل جيل ۾ ٿي جنهن ۾ گهرڀاتين ۽ شهري شرڪت ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته ميڊيا جا نمائندا ۽ شهري ٻڌڻي لاءِ جيل ضابطن تحت سپرنٽينڊنٽ سان رابطو ڪندا. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو